اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي و??ي. وزيراعظم پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پروپئگنڊه ۽ والاريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي و??ير جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي امنگن جي ترجماني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن چ??و ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪستاني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.