اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان پهريون ??ر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي، اسان بهادري سان عم??ان خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين، عم??ان خان اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت اسان ڄمي بيٺل رهياسين ۽ ??رخ??و ٿياسين ڇو ته عوام ۽ قيادت کي خبر هئي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪئي، امانت سمجهي عوام جي خدمت ڪئي ۽ بهادري سان ڄميل رهياسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ناحق سزا کائيندڙن ۽ چورن ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو آئينو پيش آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون ??صويرون ??يئر ڪندي چيو ته هي تصويرون ??رئت، بهادري ۽ وفاداري جون ناقابل فراموش مثال آهن ۽ عم??ان خان جي فسطائيت، بدترين سياسي انتقام ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جون واضح حقيقتون ??هن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت چار نسلن جو حساب ڏنو ۽ ??رخ??و ٿي. هن چيو ته عم??ان خان ۽ ان جي ڪابينا گرفتاري تي روئيندي، ڀڄندي، گدڙن وانگر لڪندي رهي، توهان کي ڇڏيندي پئي وڃي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته توهان توشه خانه جا چور، ڪوڙا، فارن ايجنٽ، القادر ٽرسٽ جي 60 ارب جا ڌاڙيل آهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عم??ان خان ۽ ان جي جٿن مل?? تي لشڪرڪشيءَ ڪئي ۽ ڪرائي، اسان سان پنهنجي ڀيٽ نه ڪريو. مريم اورنگزيب چيو ته نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ۽ طيبه گل کي اغوا ڪري عم??ان خان اسان جي خلاف 15 ڪلو هيروئن سميت بنا جاچ جي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ۽ جيلن ۾ وڌو. هن چيو ته عم??ان خان ۽ ان جي هٿياربند جٿن تي قومي ۽ حساس عم??رتن تي حملي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، ريڊيو پاڪستان، مسجدن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ايمبولينسز ساڙڻ جي ڏوهه جا ڪيس ٺهيا. وفاقي وزير چيو ته اسان جون ڌيئرون ڀينرون عم??ان خان جي گهٽ ظرف وحشياڻي انتقام جو نشانو بڻيون، عم??ان خان مريم نواز کي نواز شريف جي ڪمزوري سمجهي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ۽ موت جي سزا جي چڪي ۾ وڌو. هن چيو ته عم??ان خان اسان بابت عدالتي فيصلا پڙهي ۽ شرم ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته هي تصويرون ??وهان وانگر آرٽيفيشل انٽيلي جنس سان ٺاهيل تصويرون نه آهن پر توهان جي ڪاري دور جي بدترين فسطائيت جو واضح ثبوت آهن. جڏهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سميت مخالف ڌر بئنچز جون پهريون ٻه قطارون ??يل ۾ هيون، پنجاب جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي جيل ۾ وڌو ڇو ته اهي توهان جي چوري، نااهلي ۽ عوام دشمني تي سوال اٿاريندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وير چيو ته اهو فرق هوندو آهي حقيقي ۽ مصنوعي سياسي پارٽين ۽ قيادت ۾. اهو فرق هوندو آهي اصل سياسي پارٽي ۾ ۽ سياست جي لباس ۾ ويڙهيل هٿياربند جٿن ۾. هن چيو ته 75 سالا ملڪي تاريخ ۾ سياسي قائدين سياسي مخالفت ڪئي پر عم??ان خان پهريون ??ر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان سياسي مخالفن، ميڊيا سان دشمني ڪئي ۽ سڀ کان وڌيڪ ناقابل معافي ڏوهه اهو آهي ته عم??ان خان رياست سان دشمني ڪئي پر اسان بهادري سان عم??ان خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون ??صويرون پڻ شيئر ڪيون ??ن عم??ان خان جي حڪومت جي دور ۾ جيلون ڪاٽيون.