اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪر?? ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپني بيواهه کي لائيف انشورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪر?? ڇڏيو هو. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ڪيو ته ف??تي جي موت رستي حادثي سان سڌوسنئون نه پر مرگهي جي ڪر?? ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪر?? ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا حڪم برقرار رکندي چيو ته اسٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ته ڪو ثبوت پيش نه ڪيو ويو ته ف??تي جو موت مرگهي سان سڌوسنئون ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ڪيو ته رڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ڪيو ويو. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسر جي رپورٽ ۾ فوتي پاليسي هولڊر ??ي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته آفيسر فوتي پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيئن ته بدانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ??ين??ن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪر??. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي فوتي مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لائيف انشورنس پاليسي حاصل ڪئي، اڪرم مسيح جو موت رستي حادثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال انشورنس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لائيف محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف انشورنس جي اپيل کي رد ڪر?? ڇڏيو آهي.