اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 10 اپريل 1973ع تي اسان جو آئين ٺهيو، هي اسان جي 50 سالا جدوجهد جو يوم تاسيس آهي، اسان ملڪ جي ??وام کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا، اسان ملڪي ادارن ۽ نظام جي ??قاءَ جي لاءِ سازشون برداشت ڪندا رهياسين، اڃا به ادارن ۾ اهڙو طبقو موجود آهي جيڪو نه ٿو چاهي ته ميثاق جمهوريت هلي ۽ اسان جو اتحاد قائم رهي. قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي ??والي سان منعقد ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين اسلامي جمهوري ۽ پارلياماني آهي پاڪستان جو آئين ئي اها زنجير آهي جنهن سمورن صوبن کي ڳنڍي رکيو آهي. هن چيو ته 10 اپريل جو ڏينهن اسان جي ??ليبس ۾ هجڻ گهرجي ??ه جيئن نئين نسل کي ٻڌائي سگهجي ??ه 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهيو ۽ 10 اپريل 1973ع تي اسان جو آئين ٺهيو، هي اسان جي 50 سالا جدوجهد جو يوم تاسيس آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد هڪ ٽُٽل ۽ وکريل ملڪ کي آئين ڏئي متحد ڪيو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ڇو ته اسان يقين رکون ٿا ته سياستدانن ۽ جمهوري قوتن جي وچ ۾ فاصلن ۽ اختلافن جو فائدو غيرجمهوري قوتون کڻنديون آهن. هن چيو ته هڪ سليڪيٽيڊ وزيراعظم کي آڻڻ جي ??ازش ڪئي وئي جنهن جو مقصد 1973ع جي ??ئين کي ختم ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ ٺاهڻو هو، ملڪ جي ??مهوري قوتن 10 اپريل 2022ع تي متحد ٿي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمهوري اختيار استعمال ڪري سليڪيٽيڊ وزيراعظم کي گهر موڪليو. هن چيو ته اسان ملڪ جي ??وام کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته اسان ملڪ جي ??دارن ۽ نظام جي ??قاءَ جي لاءِ انهن جي ??ازشن کي برداشت ڪندا رهياسين. هن چيو ته اڃا به ادارن ۾ اهڙو طبقو موجود آهي جيڪو نه ٿو چاهي ته ميثاق جمهوريت هلي ۽ اسان جو اتحاد قائم رهي، اهو ئي سليڪيٽيڊ راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، عدالت کي به ائين هجڻ گهرجي ??ه هر پاڪستاني ان کي آئين جو محافظ تسليم ڪري، هن وقت آئيني بحران هلي رهيو آهي اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته ٻه جمع ٻه ٽي آهي جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته ٻه جمع ٻه چار هوندو آهي، عمران خان جيڪو معاشي حملو ڪري ويو هو اسان ملڪ کي ان مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۾ فيصلا ٿيا آهن، دهشتگردن جي ??لاف هڪ آپريشن جي ??روعات ڪري رهيا آهيون، ماضي وانگر دهشتگردن کي شڪ??ت ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ جي معيشت ۽ مهانگائي تاريخي دور مان گذري رهي آهي، ملڪ جي معيشت کي صحيح ڪرڻ ڪنهن هڪ شخص جو ڪم نه آهي ان لاءِ سياسي استحڪام جي ??رورت آهي، اسان جي ??دارن کي سنجيده ٿي ان حوالي سان آئين تحت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.