اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سگريٽ جي ??نع?? ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻڻ ۽ ايندڙ ٻن هفتن ۾ ملڪ ۾ سگريٽ جي سمورن ڪارخانن تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سگريٽ سازي جي ??نع?? ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ، پوائنٽ آف سيلز ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس جو ڪاٿو وڌائڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وز??راعظم اجلاس کي خطاب ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته اسمگلنگ ۽ غيرقانوني سگريٽ جي وڪري جي روڪٿام ۾ ايف بي آر کي هر قسم جو تعاون فراهم ڪيو وڃي. هن ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي ل??ءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم حڪم ڏنو ته بارڊر ڪراسنگ تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن جي ٽينور پوسٽنگ ڪئي وڃي. هن پڇاڻو ڪيو ته سمورين شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ڇو نه هنيو ويو؟ وز??راعظم شگر ملز تي هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه لڳڻ جي ل??ءِ ذميوارن جو تعين ڪري انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ عنصرن ۽ انهن جي ڪارندن ??ي ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي، ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي چوري ڪندڙن ??ي ڪنهن به قسم جي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي حوالي سان قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سگريٽ جي ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ اڪثر فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳايو ويو آهي جڏهن ته باقي تي ان کي لڳائڻ جو عمل جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ موجود فيڪٽرين تي ان کي لڳائڻ جي ل??ءِ ڳالهيون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اجلاس کي ايف بي آر پاران غيرقانوني سگريٽ جي وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي ل??ءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آ?? 7 لک نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو آهي ۽ هلندڙ سال پنهنجي هدف کي پورو ڪرڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهيو آهي. اجلاس کي شگر ملز تي خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي پڻ آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم سمورين شگر ملز ۾ هيستائين خودڪار ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم نه هڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وز??راعظم هدايت ڪئي ته معيشت جي سمورن وڏن سيڪٽرز ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي ل??ءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن. ان قدم سان ملڪي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ بهتري ايندي ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. وز??راعظم ايندڙ ٻن هفتن ۾ انهن قدمن تي مثبت اڳڀرائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و فاقي وز??رن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، مخدوم مرتضيٰ محمود، اعظم نذير تارڙ، وز??راعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهازيب خان، طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.