اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي 4 سينيٽ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر تدريسي شعبي مان پروفيسر ڊ??ڪٽر سروش حشمت لوڌي، پروفيسر ڊ??ڪٽر محمد خالد انيس ۽ پروفيسر ڊ??ڪٽر تنوير خالد کي يونيورسٽي جي سينيٽ ميمبرن جي حيثيت سان مقرر ڪري ڇڏيو آه?? جڏهن ته سوسائٽي مان شاهد شفيق بطور سينيٽ ميمبر فيڊرل اردو يونيورسٽي مقرر ڪيو ويو ??هي. صدر مقرريون آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ، رولز آف بزنس ۽ يونيورسٽي جي آرڊيننس تحت ڪيون آهن.