اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي آمريڪا پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ??ئي?? سر تعمير جي لاءِ اضافي 100 ملين ڊالر جي امداد جي اعلان کي ساراهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ا??ڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم س??ن ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستانين جي لاءِ ويزا انٽرويو بابت سهولتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو ز??دا??ي چيو ته ويزا سهولتن بابت آمريڪي پرڏيهي وزير سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، انهن قدمن سان نه رڳو ويزا وٺڻ ??و عمل تيز ٿيندو پر عوامي رابطا وڌندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي سان ملاقات ۾ آمريڪي سفير ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ پاڪستاني عوام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.