اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، مع??وم ٻارن تي حملو ڪري انهن کي شهي?? ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. اي پي ايس سانحي جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي جي شهيدن پوري قوم کي دهشتگردي جي خ??اف متح?? ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياري??دو رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.