اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي ??در شيخ محمد بن زيد ال??هيان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏ??ڻ ۽ مضبوط ??ڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ??در شيخ محمد بن زيد ال??هيان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گڏيل عرب امارات جي 51 هين قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻنهي اڳواڻن خصوصي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏ??ڻ ۽ مضبوط ??ڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي باني صدر، شيخ زيد بن سلطان ال??هيان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو بنياد رکڻ ۾ ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪيو. شيخ زيد بن سلطان ال??هيان پاڪستان جو باقاعده دورو ڪندو هو ۽ پاڪستان ۾ سماجي شعبي ۾ مختلف فلاحي منصوبن جي مالي معاونت پڻ ڪندو هو، شيخ زيد اسپتال پاڪستان جي لاءِ ان جي خدمتن جو بهترين مٿال آهي، ان جو ان جي فلاحي ڪمن جي لاءِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ سان ٿيندڙ تازي تباهي کانپوءِ پاڪستان جي مالي ۽ امدادي شين جي صورت ۾ امداد تي گڏيل عرب امارات جي ??در جا ٿورا پڻ مڃيا. گڏيل عرب امارات جي ??در وزيراعظم پاران مبارڪباد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ??در کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي شيخ محمد بن زيد ال??هيان قبول ??ري ورتو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان مضبوطي سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.