شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شيري ??حمان مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي م??هن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولياتي تباهين جي سونامي کي م??هن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ا??شيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، ا??و اسان جي لاءِ انتهائي ضروري م??افقت جو دور آهي. شيري ??حمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ا?? منصوبي جي م??صدن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ ??هرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي م??هن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.