اسلام آباد– 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سربيا جي وچ م ٻطرفي واپاري ڪاٿي ۾ وڌيڪ اضافو ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعت ۽ واپار، قابل تجديد توا??ائ?? سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا ڪيترائي موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير علي حيدر الطاف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر چيو ت?? پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي امڪانن مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ت?? نامزد سفير ڪاروباري ۽ واپاري رابطا قائم ??رڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ڪوشش ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? پاڪستان جو سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دورن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري جڏهن ته اعليٰ فني تعليم، آءِ ٽي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ت?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ صنعت ۽ واپار، قابل تجديد توا??ائ?? سميت مختلف شعبن ۾ تعان جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، اسلام آباد ۾ سربيا جو مشن کلڻ سان ڪاروبار ۽ عوامي رابطن ۾ آساني ٿيندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي علي حيدر الطاف کي سربيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته نامزد سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستاني مشن جي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪندو.