اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) کي ٻڌاي?? ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا/ ڊي اي پي جي ڪا به کوٽ ناهي، موجود ذخيرا ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. اين ايف آر سي سي جي اجلاس ۾ رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال، نيشنل ڪو آرڊينيٽر اين ايف آڙ سي سي ليفٽيننٽ جنرل محمد ظفر اقبال ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿيو. اين ايف آر سي سي کي ٻڌاي?? ويو ته ملڪ ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي اي پي وڏي مقدار ۾ موجود آهي. جڏهن ته ڪڻڪ جا ذخيرا به ملڪي ضرورت لاءِ ڪافي آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون يوريا/ ڊي اي پي ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن.نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ موجود ذخيره ملڪي ضرورتن لاءِ ڪافي آهن. هن وقت قومي سطح تي 6215327 مي??رڪ ٽن ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ پنجاب وٽ 3067435 مي??رڪ ٽن، سنڌ وٽ 865584 مي??رڪ تن، خيبر پختونخوا وٽ 96282 مي??رڪ ٽن، بلوچستان وٽ 49630 مي??رڪ ۽ پاسڪو وٽ 23630 مي??رڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو تعين ٻج، ڀاڻ سميت پيداواري لاڳت کي ڏسي ڪي?? ويندو آهي ته جيئن آبادگارن کي مناسب منافعو ملي سگهي. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري فورم کي ٻڌايو ته ربيع جي فصل لاءِ يوريا/ ڊي اي پي جي گهربل مقدار ملڪ ۾ دستياب آهي ۽ ڪنهن به قسم جي کوٽ ناهي. 300000 مي??رڪ ٽن ڀاڻ جي درآمد جو ٽيندڙ پهرين ئي عمل هيٺ آهي. هن چيو ته ربيع جي فصل لاءِ 3870000 مي??رڪ ٽن ڀاڻ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندي جڏهن ته هن وقت ڀاڻ ڪمپنين وٽ به 374479 مي??رڪ ٽن جا ذخيرا موجود آهن. احسن اقبال هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه آبادگارن کي ڀاڻ جي بروقت ۽ گهٽ قيمت تي فراهمي کي يقي??ي بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل عملدار يوريا/ ڊي اي پي جا ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪن. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر آبادگارن کي ربيع جي فصلن لاءِ ڪڻڪ جي ٻج جي فراهمي جي عمل جو به جائزو ورت?? ويو. فورم صوبائي حڪومتن کي ٻج جي فراهمي لاءِ تحصيل/ تعلقه جي سطح تي سهولتي مرڪزن جي قيام کي يقي??ي بڻائڻ لاءِ جون به هدايتون ڪيون.