اسلام آباد – 24 – آڪ??وب?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ارشد شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي و??ير مرحوم ارشد شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ارشد شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي و??يراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ارشد شريف جي و??لده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ارشد شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ارشد شريف جي و??لده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ارشد شريف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي ??ني?? پيا وڃن. مرحوم ارشد شريف جي و??لده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ارشد شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ارشد شريف جي مڙهه کي و??ن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي ه??ايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي و??پسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي ه??ايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي و??ن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي و??لده کي يقين ڏياريو ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.