اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پيمرا ۾ جنسي طور خوفزده ڪرڻ جو ڪيس ٻيهر شنوائي جي لاءِ خوفزده ڪرڻ جي خاتمي با??ت وفاقي محتسب جي حوالي ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پيمرا جي هڪ جنرل مئنيجر کي عورت کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ هڪطرفي سزا ٻڌائي وئي هئي، پيمرا جي جنرل مئنيجر ان فيصلي کي چئلينج ڪيو هو جنهن ۾ پيمرا جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل کي هڪ عورت ساٿي کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ صدر ڊي جي پيمرا کي ”نوڪري تان برطرفي“ ۽ 25 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ مٿس ڊي جي جو ساٿ ڏيڻ جو الزام هن??و ويو هو. صدر ڪيس هراسگي جي خاتمي با??ت وفاقي محتسب جي حوالي ڪندي چيو ته جوابدار، زندگي کي خطرو هجڻ جي ڪري پاڪستان کان ٻاهر موڪل تي هو، محتسب ڪيس جو فيصلو هڪطرفي طور ڪيو، خوفزده ڪرڻ جي خاتمي با??ت وفاقي محتسب ڪم واري جاءِ تي جوابدار کي شنوائي جو موقعو فراهم ڪري. صدر چيو ته انصاف جي اصولن موجب جوابدار جي ايم کي ٻڌڻي جو مناسب موقعو ڏنو وڃي. فيصلي ۾ چ??و ويو آهي ته جوابدار جي ايم ۽ ان جي وڪيل بيان رڪارڊ ڪرڻ ۽ وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي آڏي پڇا جي لاءِ دستيابي جي خاطري ڪرائي آهي. صدر هدايت ڪئي ته ڪيس نئين سر ٻڌڻي جي لاءِ محتسب جي حوالي ڪ??و وڃي ٿو جنهن جو 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪ??و وڃي. هن دير سان جوابدار جي ايم کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جو موقف رد ڪري ڇڏيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي سماجي ۽ ثقافتي ماحول ۾ خاندان جي عزت ۽ آبرو جي رواج جي ڪري هڪ عورت جي لاءِ اهڙي پريشان ڪندڙ واقعن با??ت ڳالهه ڪرڻ آسان نه آهي، اهڙن ڪيسن ۾ جوابدار پار??ن عورت جي ڪردار جي خلاف جوابي الزامن جو انديشو به هوندو آهي. صدر چيو ته انهن سببن جي بنياد تي جنسي هراسگي ج?? ڪيترائي ڪيس رپورٽ نه ٿا ٿين، جنسي هراسگي جا متاثر معاملي کي رپورٽ ڪري همت جو مظاهرو ڪن ٿا. صدر چيو ته شڪايت داخل ڪرائڻ ۾ دير جي بنياد تي اهڙن ڪيسن کي رد نه ڪرڻ گهرجي.