نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ س??حي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپٽمبر تائين جاري گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪ??و. ??ن کانسواءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت سڄي دنيا جي مملڪتي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. هن جنرل اسيمبلي جي صدر سي سابا ڪوروسي، گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پڻ گڏ هئا.