اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ان عظيم قرباني جو هڪ لازوال داستان آهي، جيڪو 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن وطنن لاءِ وڙهندي پيش ڪيو. ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جيڪي قربانيون پيش ڪيون آهن، تاريخ م ان جو مثال نٿو ملي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر يوم دفاع جي مناسبت سان هڪ ملي نغمو جاري ڪيو آهي، جنهن کي ملڪ جي نامياري گلوڪار ساحر علي بگ?? ڳايو آهي. ملي ن??مي ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي انهن غازين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي، جن ملڪ طرف ميري اک کڻندڙن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ۽ وطن جي عزت تي ڪو به داغ لڳائڻ نه ڏنو. ن??مي ۾ ان عهد جي تجديد ڪئي وئي آهي ته پاڪ فضائيه جو هر فرد پوري قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ملڪ جي دفاع، ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.