اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپار (مصنوعات جي واپار) جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. معاهدي تي صحيحن واري تقريب وزيراعظم آفيس ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، واپار و??ري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ سيڙپڪاري واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، ترڪيه جي واپار و??ري وزير مهمت موش ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئ??. واپار و??ري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار و??ري وزير مهمت موش معاهدي تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ترڪيه زرعي ۽ صنعتي شعبن جي پاڪستان جي مختلف مصنوعات جي برآمد تي 261 ٽيرف لائينز جڏهن ته پاڪستان 130 ٽيرف لائينز جي رعايت ڏني آهي. ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ 2016ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ ان وقت ترڪيه جي معيشت واري وزير مصطفيٰ علي تاس ۽ پاڪستان جي واپار و??ري وزير خرم دستگير خان صحيحون ڪيون هيون. فريم ورڪ معاهدي تحت مختلف اهڙن شعبن جي نشاندهي جي لاءِ گڏيل اسٽڊي شروع ڪئ?? جنهن ۾ واپار جي راهه ۾ ايندڙ ٽيرف جون رڪاوٽون ختم ڪري ٻئي ملڪ اڳڀرائي ڪري سگهيا پئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري کان اڳ تائين ترجيحي واپار جي معاهدي تي ڳالهين جو عمل سستي جو شڪار رهيو. ان دوري کانپوءِ ترجيحي واپار جي معاهدي تي تيزي سان اڳڀرائي ٿي ۽ ان معاهدي جي لا??ِ ڳالهيون 19 دورن کانپوءِ 12 آگسٽ تي معاهدي کي صحيحن جي لاءِ حتمي شڪل ڏني وئي. مصنوعات جي واپار جي معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر ??ائين وڌائڻ جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ترجيحي واپار جي معاهدي تحت پاڪستان 216 ٽيرف لائينز ۾ مارڪيت تائين پهچ حاصل ڪئ?? آهي ۽ انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي برآمدات جو ڪاٿو 5.1 ارب ڊالر ??ڏهن ته ترڪيه جي انهن مصنوعات جي عالمي درامدات 7.6 ارب ڊالر ??هي. پاڪستان جن 130 ٽيرف لائينز تي رعايت ڏني آهي انهن ۾ ترڪيه جي عالمي برامدات 23 ارب ڊالر ??هي جيڪا ترڪيه جي عالمي برآمدات جو 12 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته انهن مصنوعات جي پاڪستان جي عالمي درآمدات 6 ارب ڊالر ??هي. 22 – 2021ع ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جو ٻطرفو واپاري ڪاٿو 883 ملين ڊالر ??هيو جن ۾ پاڪستان جي ترڪيه جي لاءِ برآمدات جو ڪاٿو 366 ملين ڊالر ??ڏهن ته ترڪيه سان پاڪستان جي برآمدات 517 ملين ڊالر هئي ۽ 22 – 2021ع ۾ واپاري توازن ترڪيه جي حق ۾ 151 ملين ڊالر ??ڪارڊ ??يو ويو.