اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي اهي ته اهي ملڪ ۾ سستي ??جلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائڻ جي لاءِ موثر نظام جوڙين، ريلوي واري وزارت افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلو جلد کان جلد پاور ??لانٽس تائين پهچائڻ جي لاءِ ض??ور?? قدم کڻي جڏهن ته وزيراعظم درآمدي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه ??حمد آصف جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي چرپر جو نظام بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه ??حمد آصف، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث بخش پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي منڊي ۾ ڪوئلي جي وڌندڙ قيمت تي گهري ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۾ ڪوئلي سان هلندڙ پاور ??لانٽس مان مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ جو بنيادي سبب قرار ڏنو. وزيراعظم ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ افغانستان مان اعليٰ ڪوالٽي جو ڪوئلو ڊالرز بدران رپين ۾ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان نه رڳو سستي ??جلي پيدا ڪرڻ پر ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته شروعاتي ??ور تي ??ڳو ساهيوال ۽ حب پاور ??لانٽس جي لاءِ گهربل ڪوئلي جي افغانستان مان درآمد تي ??مپورٽ بل ۾ ساليانو 2.2 ارب ڊالر کان وڌيڪ بچت ٿيندي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان مقصد جي لاءِ موثر نظام جوڙين ته جيئن ملڪ ۾ سستي ??جلي پيدا ڪري گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي ريليف پهچائي سگهجي. وزيراعظم ريلوي واري وزارت کي به هدايت ڪئي ته اها افغانستان مان درآمد ٿيل ڪوئلي جي پاور ??لانٽس تائين جلد کان جلد پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ض??ور?? قدم کڻي. وزيراعظم درآمدي عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجه ??حمد آصف جي سربراهي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.