اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تا??ين پهچي. وزير??عظ?? آفيس جي ميديا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه شازيه عطا مري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي شازيه مري وزير??عظ?? کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وزير??عظ?? چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دالين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تا??ين پهچي، وزير??عظ?? ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت کي ناڻي واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون به ڪيون.