اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نيشنل اميچو?? شارٽ فلم فيسٽيول (NASFF – 21) جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نوجوانن جي مان ۾ مانجهاندي وار?? تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو مقصد نيشنل اميچو?? شارٽ فلم فيسٽيول جي اسڪالرشپس کٽيندڙ نوجوانن کي عالمي شهرت يافته فلم انسٽيٽيوٽ نيويارڪ فلم اڪيڊمي، آسٽريليا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ڪاميابي کي ملهائڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) عمرانه وزير، ايڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقير، ڊائريڪٽر (ڊي اي ايم پي) آصف الرحمان، آءِ ايس پي آر جي آفيسرن برگيڊيئر عمران نقوي ۽ ميجر احمد بٽ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل اميچو?? شارٽ فلم فيسٽيول اسڪالرشپس حاصل ڪندڙن حمزه بن افتخار، عقيده چشتي، روح الله ڪشفي، شاهه زيب علي، ثقلين عباس، حذيفه احمد، مريم نقوي، وشال ڪدواني، عرفان نور بخش ۽ حارث لطيف موجود هئا. ان موقعي تي ايفنيٽي مان صبا چوهاڻ، ميثم رضا ۽ محمد ياسر پڻ ??وجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري نيشنل اميچو?? شارٽ فلم فيسٽيول جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مب??رڪ??اد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. نيشنل اميچو?? شارٽ فلم فيسٽيول نوجوانن کي ميڊيا سائنسز ۽ فلم سازي جي ميدان ۾ بهترين ڪ??رڪ??دگي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل اميچو?? شارٽ فلم فيسٽيول پليٽ فارم پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ ان شعبي ۾ پنهنجو ڪيريئر بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي تحقيقي صلاحيتن ۽ مهارتن جي اظهار لاءِ اهڙن ايونٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن.