اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وز??ر گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وز??ر شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وز??ر پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مضبوط بڻائڻ ۾ شيخ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي س??را??يندي ان افسوس جو اظهار ڪيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وز??ر چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وز??ر شيخ محمد بن زايد النهيان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ??ميواريون ??نڀالڻ تي نيڪ خواه??ن جو پڻ اظهار ڪيو.