ڪراچي – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بئ??ڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي رقم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، بئ??ڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن، بئ??ڪون صارفين جي شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ صارفين کي بئنڪنگ جي طريقيڪار باب?? آگاهي ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ اسٽيٽ بئ??ڪ آف پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بئ??ڪ آف پاڪستان، يونائيٽيڊ بئ??ڪ لميٽيڊ، مسلم ڪمرشل بئ??ڪ، الائيڊ بئ??ڪ لميٽيد، فيصل بئ??ڪ لميٽيد، حبيب بئ??ڪ لميٽيڊ، سونهري بئ??ڪ لميٽيڊ، خيبر بئ??ڪ لميٽيڊ، دبئي بئ??ڪ اسلامي، ميزان اسلامڪ بئ??ڪ ۽ بئ??ڪ آف پنجاب جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ ٿيندڙ تبديلين، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ سائبر ڪرائيسز جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صدر کي بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ۽ بنيادي سڌارن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ عورتن سان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائڻ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بئنڪن صارفين جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪرڻ جيل اءِ پنهنجي نظام کي بهتر ڪيو آهي. روايتي بئنڪنگ سسٽم جي مقابلي ۾ ڊيجيٽل بئنڪنگ ۾ شڪايتن جو انگ گهٽ آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران موبائيل بئنڪنگ ۾ گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. انهي عرصي ۾ انٽرنيٽ بئنڪنگ ۾ 31 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. ان موقعي تي پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد پنهنجي اداري جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021ع پڻ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئ??ڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي رقم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، دير، غيرضروري قانوني ڪيسن، وقت ۽ پئسي جي زيان کان بچڻ لاءِ بئ??ڪ صارفين جي شڪايتن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي. هن چيو ته بئ??ڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن بئ??ڪون صارفين جي شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ صارفين کي بئنڪنگ جي طريقيڪار باب?? آگاهي ڏني وڃي. صدر چيو ته بئنڪنگ محتسب، بئنڪنگ ڪورٽس ۽ ايوان صدر تي ڪيسز جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بئ??ڪون شڪايتون پاڻ حل ڪن، بئ??ڪون صارفين جي مفادن کي موثر طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اندروني ڪنٽرول جي نظام کي مضبوط ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئ??ڪون اليڪٽرانڪ فراڊ ۽ سائبر ڪرائيمز کي روڪڻ جي لاءِ وفاقي جاچ ايجنسي جي سائبر ڪرائيم سيل ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. صدر عورتن جي مالي شموليت جي لاءِ بئنڪن جي قدمن کي ساراهيو.