اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آر??يڪل A-63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آر??يڪل 186 ??حت ريفرنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽ??يڊ??گ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن جي بدلي وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفاداريون مع??شي مفادن جي ڪري تبديل ڪن انهن جي نااهلي تاحيات هوندي يا کين ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي؟ سپريم ڪورٽ ??ي درخواست ڪئي ويندي ته ان ريفرنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.