اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪست??ن جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪست??ن جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪست??ن جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي. قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت سان نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪست??ن جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع جي تقريبن جي تياري جي حوالي س??ن جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگارن ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز ۽ سي??ئر آفيسر?? شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان کي تقريبن جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائمنڊ جوبلي جي حوالي سان پاڪست??ن جي تاريخ، ثقافت قومي هيروز، تحريڪ پاڪست??ن جي مشهور عورتن?? مقامي راندين، سياحت، معيشت، گرين پاڪستان ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي سان ڊاڪيومينٽريز ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪست??ن جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهايون وينديون. انهن تقريبن جو مقصد پاڪست??ن جي ڌار سڃاڻپ، ثقافت ۽ منفرد جاگرافيائي کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪست??ن جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪست??ن جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهائڻ جي ضرورت آهي، قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.