اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي بئنڪ مينيجر انساني بنيادن تي صدر مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي در??واست ڪئي هئي، بئنڪ مينيجر تي هراسيت جو الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئو?? مينيجر نعيم اقبال جي خلاف بئنڪ کي هراسيت جي شڪ??يت ڪئي هئي، تفصيل موجب بئنڪ انڪوائري ۾ نعيم اقبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هراسيت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نعيم اقبال کي بئنڪ برطرف ڪري ڇڏيو، نعيم اقبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هراسيت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي در??واست ڏني، محتسب نعيم اقبال کي ننڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري تان برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نعيم اقبال صدر کي انساني بنيادن تي سروس ۾ بحالي ۽ محت??ب جو فيصلو ختم ڪرڻ جي در??واست ڪئي هئي، صدر هراسيت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته معزز محتسب سزا کي ”نوڪري تان برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ ۾ بدلجي چڪو، در??واستگذار محت??ب جي حڪم ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، در??واست گذار هراسيت جي روڪٿام واري محت??ب جي حڪم کي بدلائڻ لاءِ ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان لاءِ در??واست گذار جي نوڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.