??سل??م آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين دينه ۾ لاهور جي نجي اسڪول جي ٽرپ ڪوسٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته معصوم ٻارن سان پيش ايندڙ واقعو افسوسنا?? آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽيچر ۽ شاگردن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شري?? آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ج?? درجا ??لن?? ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.