اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي ويراعظم عمران خان ج?? ترجيحي ايجنڊا ۾ شامل آهي، وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي وٺي رهيو آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار ه?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. بئريسٽر سلطان محمود اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي تازي آمريڪا جي دوري ۽ گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل سان ملاقات جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو. چوڌري ف??اد حسين چيو ته آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي سميت سياحت جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ميرپور منگلا روڊ تمام جلد مڪمل ٿيڻ وارو آهي جنهن سان دينه کان ميرپور تائين ج?? سفر ۾ درپيش مشڪلاتن ج?? خاتمو ٿيندو، للا کان ج??لم تائين ٻن ڦاڪن واري رستي کي منگلا رستي آزاد ڪشمير سان ڳنڍڻ جو منصوبو پڻ غور ه??ٺ آهي جنهن سان ڪشمير سان مواصلاتي رابطن ج?? هڪ نئون دور شروع ٿيندو. ان منصوبي سان ڪشمير کان اسلام آباد تائين سفر هڪ ڪلاڪ تائين ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪشمير ۾ سياحت جي سرگرمين کي پڻ فروغ ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي وي جي باقاعده نشريات شروع ڪري ڪشميري عوام جو آواز سڄي دنيا ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود اطلاعات واري وفاقي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران جاري انساني حقن ج?? پائمالين کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته گڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ۾ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق ۽ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدم سميت والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. بئريسٽر سلطان محمود چيو ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آزادي جي بيس ڪئمپ مان ڀرپور انداز ۾ آواز اٿاريو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ج?? وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ خي??لن ج?? ڏي وٺ ٿي.