اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته سياحتي ماڳن تي ٽورسٽ ريزرٽ ۽ عالمي معيار جا هوٽل قائم ڪندڙن لاءِ حڪومت پاران سهولتن سميت ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ت?? ٻڌل تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جئين انهن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سياحت بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سياحت جا بي شمار پوٽينشل موجود آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان پوٽينشل کي مڪمل طور تي استعمال آندو وڃي ۽ سياحتي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم جهلم ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ واقع ريسٽ هائوسز ۽ ٻين تاريخي ماڳن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن عمارتن جي بحالي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل کي استعمال ۾ آندو ??ڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سياحت جي حوالي سان التوا ۾ پيل معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، سياحتي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بنايو ??ڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي ??ڏي وزير محمود خان ۽ ٻين صوبائي عملدار به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سياحتي ماڳن جي ??روغ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ک?? ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ چار سياحتي ماڳن لاءِ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ??روغ ۽ مينيجمينٽ لاءِ عالمي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ به چار انٽيگريٽد ٽورازم زونز جي ??اسٽر پلان جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، اجلاس ک?? ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ سياحت جي حوالي سان ذيلي قانون ۽ ريگوليشنز کي حتمي شڪل ڏئي وئي آهي ۽ جلد ان جو لاڳو عمل ۾ آندو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ ان جو لاڳو عمل ۾ آندو پيو ??ڃي. وزيراعظم کي اٽڪ ۽ بالا حصار ??لع?? کي سياحتي مرڪز بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ک?? ٻڌايو ويو ته سياحتي ماڳن تي ايئر سفاري سروس جاري ڪرڻ لاءِ سول ايوي ايشن پاران پنهنجي ??اعدن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ??تيجي ۾ نجي شعبي جي ??اءِ بي شمار موقعا پيدا ٿي چڪا آهن. اجلاس کي مختلف سياحتي ماڳن لاءِ ڊيسٽينيشن مينيجمينٽ پلان جي تياري جي حوالي سان هن وقت جي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ک?? ٻڌايو ويو ته سياحت جي ??روغ لاءِ چئني صوبن ۾ سينٽر لائزڊ ٽورازم ويب سائيٽ مڪمل طور تي فعال آهي، گورنمينٽ ريسٽ هائوسز ۽ گورنر هائوسز کي عوام جي ??اءِ دستياب ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي.