اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ سان سرڪاري زمين ۽ ٻي??ن تي قبضي جي روڪٿام ٿيندي، قبضا گروپن کي اها ئي ٽيڪنالاجي شڪست ڏ??ي سگهي ٿي، ڊيجيٽلائيزيشن سان ماڻهن کي تحفظ ملندو، شفافيت سان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون، جائيدادن تي ناجائز قبضي سان سڀ کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ رهندر پاڪستاني متاثر ٿين ٿا، لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان هر ڪو پنهنجي ملڪيت جو رڪارڊ ڏسي سگهندو ۽ آن لائين ٽرانسفر ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم عمران خان اس??ام آباد لينڊ رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڪيڊسٽريل ميپنگ جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي ويزن موجب زميني نظام کي جديد ڊيجيٽل آن لائين نظام ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪيڊسٽريل ميپنگ جي من??وب?? تحت سروي آف پاڪستان جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) جو استعمال ڪندي اس??ام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي جديد ترين ڊيجيٽل نقشه سازي جو عمل مڪمل ڪيو آهي. سروي آف پاڪستان کي ڪيڊسٽريل ميپنگ جو ڪم ڏنو ويو جنهن جو بنيادي مقصد نقشه سازي ۽ مساحت جي موجوده نظام کي جديد ۽ ڊيجيٽل فارميٽ ۾ تبديل ڪرڻ آهي. ان من??وب?? جي پهرين مرحلي ۾ 3 وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ اس??ام آباد جي روينيو رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ملڪ جي سرڪاري زمين جي ڊيجيٽل ڊيٽا تيار ڪرڻ شامل آهي، ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل جو مقصد پٽوار جي نظام ۾ سڌارا آڻڻ، انساني عمل دخل کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۽ زمين رڪارڊ جي پوري نظام کي شفاف بڻائڻ آهي. پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين جنرل رٽائرڊ انور علي حيدر ان قدم جي تفصيل بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان قدم سان منصوبابندي بهتر انداز ۾ ٿي سگهندي ۽ سرڪاري زمين تي قبضو نه ڪري سگهبو، هر شهري جي پنهنجي جائيداد تائين پهچ هوندي، پهريون ڀيرو لينڊ رڪارد کي سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيو پيو وڃي، ان قدم سان رڪارڊ جي تبديلي ناممڪن ٿيندي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ سروي آف پاڪستان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا جن ان من??وب?? کي وقت سر مڪمل ڪيو، ان من??وب?? کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان خوف هو ته اهو مڪمل نه ٿيندو ڇو ته جن ماڻهن جا مفاد پراڻي سسٽم سان ڳنڍيل هئا اهي ان مان سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندا هئا جڏهن ته قبضا گروپ پڻ نه چاهيندا هئا ته اهڙي قسم جو قدم حڪومت کڻي، اسان ان قدم جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کان چڱي ريت آگاهه آهيون. وزيراعظم چيو ته رڳو اس??ام آباد ۾ 300 ارب رپيا ماليت جي زمين تي يا ته قبضو هو يا اها استعمال ۾ نه آندي وئي، ٻي??ي کاتي جي هڪ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو هو. هن چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان شفافيت ايندي، شفافيت نه هجڻ جي ڪري ماڻهن پئسو ٺاهيو ۽ اهي طاقتور ٿي ويا جڏهن ته ڪمزور ماڻهن تي ظلم ٿئي ٿو، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، اهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي سگهن ٿا پر ان جي لاءِ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول بڻائڻ ضروري آهي، ان جو هڪ وڏو سبب قانون جي حڪمراني نه هجڻ آهي جتي قانون جي بالادستي هوندي آهي اتي سيڙپڪاري به ٿيندي آهي ۽ جتي انصاف هوندو آهي اتي خوشحالي ايندي آهي. هن چيو ته هي من??وب?? هڪ وڏو قدم آهي ان سان اوورسيز پاڪستانين جو اعتماد به وڌندو، انهن جو وڏو مسئلو جائيدادن تي ناجائز قبضو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ م عدالتن ۾ 50 سيڪڙو ڪيس ملڪيتن تي قبضن جا آهن، پراڻي لٺا سسٽم ۾ تبديلي آسان آهي. وزيراعظم چيو ته آن لائين سسٽم سان هاڻي پلاٽ جي ملڪيت ڏ??ڻ آسان هوندي، اس??ام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ اهو من??وب?? نومبر تائين مڪمل ٿيندو جڏهن ته ان جي 6 مهينن کانپوءِ پوري پاڪستان ۾ اهو سسٽم لاڳو هوندو، ان سان عام ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. وزيراعظم چيو ته شهرن ۾ زمين جون قيمتون تيزي سان وڌيون آهن، قبضا گروپ کي جيڪڏهن ڪا شيءَ شڪست ڏ??ي سگهي ٿي ته اها هي ٽيڪنالاجي آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي حدت سان پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جو سخت خطرو آهي جڏهن ته آلودگي سان دريائي پاڻي به آلوده ٿي رهيو آهي، اسان وڻ وڍي تباهي ڪئي، گذريل ٽن سالن کان حڪومت ٻي??ا هڻي رهي آهي، ان من??وب?? سان ان ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته سرينگر هاءِ وي تي ٻي??ا 45 ايڪڙ مان 113 ايڪڙ تائين وڌي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت اربين رپين جي سرڪاري زمين ۽ ٻي??ا قبضو ڪندڙن کان ڇڏرايا آهن، ڪيڊسٽريل ميپنگ سان ان جي نگراني ٿي سگهندي. هن چيو ته ان من??وب?? سان وڌيڪ خوشي ان لاءِ آهي ته اهو عام پاڪستانين جي لاءِ آهي، ان سان ماڻهن کي تحفظ ملندو، ان جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون ۽ ان سان شفافيت ايندي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ نه ڪرن سان طاقتور ماڻهن کي فائدو پهچي ٿو، من??وب?? سان ملڪيتن تي ناجائز قبضن جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ وڻڪاري مهم ۽ ٻي??ن جي واڍي جي روڪٿام ۾ ڪيڊسٽريل ميپنگ سان مدد ملندي.