اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پ??ڪس??ان افغانستان ۾ ام?? چاهي ٿو، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها، نريندر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي، ڪووڊ دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نريندر مودي تي لاڳو ??ئي ٿي، قيام پ??ڪس??ان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، قوم يقين رکي عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي طرف گامزن آهي، پ??ڪس??ان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي آزادي ڪپ 2021ع جي انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين سڄي ملڪ ۾ آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، اڄ جو ميچ آزادي جي خوشين ۾ اضافي جو باعث بڻيو، اهي ميچز اسان جي آزادي جو ثمر آهن، پوري قوم کي آزادي جو مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قيام پ??ڪس??ان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، اسان لاچاري جي حالتن ۾ پن??نج?? سفر جو آغاز ڪيو پر اڄ اسان وٽ بهترين گرائونڊز، سٺا رانديگر ۽ بهترين يونيورسٽيون موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ صرف هڪ هيوي انڊسٽري جو هڪ ڪارخانو هو، اڄ پ??ڪس??ان جيٽ جهاز تيار ڪندڙ 9 ملڪن ۾ شامل آهن، اڄ اسان گاڏيون پاڻ تيار ڪري رهيا آهيون، اسان دنيا جي پنجين وڏي قوم آهيون، اسان جو شمار دنيا جي 7 ايٽمي طاقتن ۾ ٿيندو آهي، هن چيو ته اهي ڪاميابيون اسان کي آزادي جي نعمت جي ڪري مليون، ڪجهه ماڻهن کي مايوسي پکيڙڻ جي عادت هوندي آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان کي فيصلن ۾ آزادي حاصل ناهي، ته اهي هندستان ۽ پ??ڪس??ان جي مسلمانن جي حالتن جو مشاهدو ڪري وٺن، فرق پاڻ ئي سامهون اچي ويندو. هن چيو ته اسان کي پن??نج?? آزادي جو قدر ڪندي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پن??نج?? وطن تي شهيد ٿيندڙن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي، جن جي قربانين جي ڪري اڄ اسان ڪرڪيٽ ميچ کيڏي رهيا آهيون ۽ ام?? سان زندگي گذاري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پن??نج?? خوشين ۾ انهن شهيدن ۽ انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي جنهن پن??نج?? زندگي ۾ مصيبتون ۽ ڏک ڏٺا، اڄ انهن جي قربانين جي ڪري اسان آزادي جهڙي نعمت مان لطف وٺي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته قوم يقين رکي ته عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي، پ??ڪس??ان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ ام?? چاهيون ٿا ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪابل ۾ سموريون ڌريون هڪ آئين ۽ قانون تي متفق ٿي وڃن ته جئين افغانستان ۾ ام?? اچي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نريندر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي. ڪووڊ – 19 دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نريندر مودي تي لاڳو ??ئي ٿي. هن چيو ته ان وقت جڏهن دنيا ڪوورنا کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو هئي، نريندر مودي جي غلط پاليسين جي ڪري ڊيلٽا وائرس پوري دنيا ۾ پکڙيو، اسان کي ڀارت جي عوام سان همدردي آهي.