اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي ??ثا??و آهن، مٽاسٽا جي ناڻي جي وڌندڙ انگ اکر سندن حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي شعبن تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لا??ِ هڪ جامع پيڪيج تيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب ??ان مالي مراعتون ۽ انعام شامل آهن پر بينيفشري اڪائونٽ کولڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام لا??ِ هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري جي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي لا??ِ 9 وڏن قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو سفري سهولتن لا??ِ شناختي دستاويزن جي تياري، ضروري ??ين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، ايندڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪمل ڪري پروگرام باقاعده جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي ??ثا??و آهن ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جا وڌندڙ انگ اکر حڪومت جي پاليسين تي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم انهن قدمن بابت مقرر ڪيل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي جي ڪڙي نگراني لا??ِ لا??حه عمل جوڙي شڪايتن جي ازالي لا??ِ پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو وڃي.