اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ ح??يب چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جي الڪيشن ۾ پي ٽي آءِ جو ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول صاحب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آزاد ??شم??ر ۾ به منهن لڪائيندو گهمي رهيو آهي، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آهن، ڇا ٻنهي پارٽين جي کٽيل سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي ??زي?? فرخ ح??يب چيو ته ماضي وانگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پيپلزپارٽي به خوب پئسو لڳايو، سندن خيال هو ته اسان کٽي پئسو ٺاهي وينداسين، پيپلزپارٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهي، آزاد ??شم??ر ۾ به ڪجهه بگاڙڻ جي پ??زي??ن ۾ نه آهي، هن چيو ته بلاول صاحب، ڪهڙين مخالف ڌر پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، ٽئين نمبر تي ن ليگ آهي ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد کان مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي ??زي?? فرخ ح??يب چيو ته بلاول صاحب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپ??ي اسپيڪر ۽ ??زي?? بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽي آءِ ان جي آجيان ڪندي.