اسلام آباد-16 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ت?? نظام کي نقصان پهچائڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي، مونکي خوشي آهي ت?? مولانا فضل الرحمان سميت اسيمبلين جي لعنت وجهندڙ اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهري رهيا آهن، ن??از شريف جي پاس??ور?? جو مُدو اڱاري جي رات 12 وڳي ختم ??ي ويندو، جيڪڏهن هو درخواست ڏيندو ته پاڪستان واپسيءَ لاءِ 72 ڪلاڪن ۾ کيس ايمرجنسي ٽريلونگ ڊاڪيومينٽس جاري ڪنداسين. ن??از شريف ۽ مريم ن??از اي سي ايل تي آهن، ان لاءِ سندن پاس??ور?? جي تجديد نٿي ڪري سگهجي. سينيٽ اليڪشن ۾ ڪو سرپرائيز نه ٿيندو، عمران خان سرخرو ٿيندو، سينيٽ جي چونڊن کانپوءِ سياسي سڪون ۽ بهتري ٿيندي، اپوزيشن رمضان جو احترام ڪري ۽ لانگ مارچ رمضان کانپوءِ ڪري. گهرو وزارت ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو ته ويزا سيڪشن مان 50 آفيسرن کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو پنهنجي چارج نه ڇڏيندو ان کي فارغ ڪيو ويندو، 10 سالن جي پاس??ور?? جي فيس 4500 رپيا هوندي، 2 لک ماڻهن کي اِي ويزا ڏني ويندي، 4 هفتن ۾ ويزا جاري ڪئي ويندي، ايجنسيز کي 4 هفتن ۾ ر??ور?? ڪليئر ڪري ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ن??از شريف جي پاس??ور?? جو وڏو گوڙ آهي، سندس پاس??ور?? جو مُدو اڱاري واري رات جو 12 وڳي ختم ??ي ويندو. 20 آگسٽ 2018ع کان ن??از شريف ۽ مريم ن??از اي سي ايل تي آهن، نيب جي هدايتن تي سندن نالو اِي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، ڪابينه پڻ مريم ن??از جو نالو اي سي ايل ۾ وِجهڻ جي منظوري ڏني، جنهن شخص جو نالو اي سي ايل ۾ هجي ان کي پاس??ور?? جاري نٿو ڪري سگهجي، ن??از شريف جيڪڏهن وطن واپس اچڻ چاهي ت?? 72 ڪلاڪن ۾ کيس سندس درخواست تي پاڪستان اچڻ لاءِ ”اي ٽي ڊي“ جاري ڪري سگهجي ٿو پر هو پاڪستان اچڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ سندس اعلان رڳو سياسي آهن، کيس ٻاهر وڃڻ جي جيڪا اجازت ملي هئي ت??هن جو هن غلط استعمال ڪيو هاڻي عدالت به کيس وطن واپس اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ن??از شريف کي وطن واپس اچڻ کان نه پيو روڪيو وڃي هو واپس اچڻ چاهي ت?? هاڻي درخواست ڏئي، کيس تفريحي دستاويز جاري ڪري ڇڏينداسين. گهرو وزير چيو ته مونکي خوشي آهي ت?? مولانا فضل الرحمان سميت جيڪي اسيمبلين تي لعنت اُماڻيندا هئا اڄ انهن ئي اسيمبلين کان ووٽ گُهرندا پيا وتن، نظام کي ڊانواڊول ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي شڪست ٿي آهي.