ڪوئيٽا – 03 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بلوچستان سون پيدا ڪندڙ زمين آهي ۽ ماڻهو محنتي آهن هتي زرعي پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ پاڻي جي کوٽ جو خاتمو پڻ ضروري آهي جنهن جي لاءِ احتياط ۽ بهتر حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، بلوچستان ۾ زراعت جي فروغ لاءِ گرين ٽريڪٽرز پروگرام سميت ٻيا جاري منصوبا پائيدار زرعي ترقي جي ??مانت آهن، بلوچستان حڪومت پاران زرعي ترقي جي لاءِ جوڙيل منصوبا ساراهه جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن”بلوچستان گرين ٽريڪٽر پروگرام“ جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، زراعت وارو صوبائي وزير انجنيئر زمرڪ خان اچڪزئي پڻ موجود هئا. صدر چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال صوبو آهي ??ڏه?? ته لائيو اسٽاڪ ۾ مجموعي ملڪي پيداوار ۾ هڪ وڏو حصيدار آهي. چوپائي مال جي ??فزائش ۽ زراعت پيغمبرن جا پيشا آهن ۽ اهي ٻئي پيشا انساني تاريخ سان واڳيل آهن. وقت سان گڏوگڏ انساني آبادي وڌي ته زراعت جي ??رويج ۽ ترقي جي لاءِ پڻ جديد طريقا سامهون آيا ۽ ترقي جو اهو تسلسل وقت سان گڏ جاري آهي. موجود دور ۾ اسپري ايريگيشن، واٽر چينل ۽ ڊرپ ايريگيشن ذريعي جديد طريقن سان زرعي ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته ويت??ام جو ڪوسٽل ايريا بلوچستان کان به ننڍو آهي ۽ شروعاتي طور تي فشريز جي ??عبي ۾ پاڪستان ۽ ويت??ام جي ??يڪسپورٽ ٽي کان چار سئو ملين ڊالر هئي. ويت??ام فشريز جي ??فزائش تي بهتر حڪمت عملي سان ڪم ڪيو ۽ اڄ هو پنهنجي ??يڪسپورٽ کي ٽي سئو ملين ڊالر کان 10 بلين ڊالر تائين کڻي ويو آهي. لائيو اسٽاڪ کي ترقي ڏئي هڪ وڏو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو رڳو چين ساليانو 70 ارب ڊالر جو حلال گوشت امپورٽ ڪري ٿو، پاڪستان جي ڪجهه علائقن ۾ جانورن ۾ موجود کُڙ ۽ وات جي ??يماري تي ضابطو آڻي حلال گوشت جي ??يڪسپورٽ کي غيرمعمولي وڌائي سگهجي ٿو. بلوچستان جي ??رقي جي لاءِ هتان جي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي صحيح رخ ۾ فيصلا ڪري پائيدار ترقي جي ??سلسل لاءِ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ماضي ۾ بلوچستان جي معدني وسيلن بابت غلط فيصلا ڪي?? ويا ??ڏه?? ته موجوده حڪومت بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ اميد آهي ته ماضي جا اهي معاملا جلد حل ڪي?? ويندا. صدر عارف علوي چيو ته بلوچستان سان دلي محبت آهي ۽ هر ڀيري ڪوئيٽا جي ??وري جي موقعي تي پاڻي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ضروري سمجهندو آهيان ته اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته بلوچستان حڪومت ان اهم مسئلي تي پوري سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي. بلوچستان جي وڏي وزير ٻڌايو آهي ته ڪوئيٽا ۾ روزاني جي پاڻي ضرورت 20 ملين گيلن آهي ۽ استعمال ٿيل پاڻي کي ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي منصوبي تي ڪم جاري آهي، بنا ڪنهن شڪ جي ??وبائي حڪومت جو اهو قدم مستقبل ۾ پاڻي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته لائيو اسٽاڪ زراعت ۽ معدني وسيلن کي صحيح رخن تي آڻي معاشي ۽ اقتصادي ۽ روزگار جي فراهمي جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. سنڌ جو علائقو ٿر ان جو واضح مثال آهي جتي ڪوئلو نڪرڻ کان اڳ ماڻهن جو دارومدار برساتن جي پاڻي سان ٿيندڙ فصلن تي هو ۽ سوڪهڙي جي ??ورتحال ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو انگ اتان لڏپلاڻ ڪري ويندو هو. ??ڏه?? ته ڪوئلي جي کاڻين کانپوءِ هاڻي صورتحال تبديل آهي. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي ??المي وبا دوران پاڙيسري ملڪن سميت ترقي يافته ملڪن جي معيشت ويهي رهي ??ڏه?? ته پاڪستان جي ??هتر ۽ موثر حڪمت عملي جي ڪري هتي نقصان جي مجموعي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهي. الحمدالله عالم سڳورن، ميڊيا ۽ سمورن طبقه فڪر جي ماڻهن جي ??عاون سان ڪورونا وائرس تي وڏي حد تائين ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون. اسان مشڪل حالتن کي موقعن ۾ تبديل ڪري ان مان فائدو کڻي سگهون ٿا. دنيا کلي رهي آهي پاڪستان وٽ موقعا موجود آهن حڪومت جو ڪم ترقي جا نوان رستا ڳولڻ آهي اڄ ايموزون سميت مختلف موقعن جي ڪري ننڍي سطح تي پڻ ڪم ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي ??مورن انسٽيٽيوشنز کي اڏوهي لڳي رهي هئي، عمران خان ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سنجيده ۽ ٺوس قدم کنيا آهن. حڪومت ڪرپشن تي ضابطو نه ٿي آڻي ته پئسو ڪجهه ماڻهن ذريعي ٻاهرئين ملڪ منتقل ٿيڻ جو عمل جاري رهي ٿو.