اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان متحد?? عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت خطي جي مج??وع?? صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراني چيو ته پاڪستان متحد?? عرب امارات سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀ??ئراڻا لاڳاپا اڌ صدي تي ٻڌل آهن جيڪي قابل فخر آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته متحد?? عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان موجوده ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.