اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان جي بحري حدن جي دفاع ۾ پاڪستان نيوي جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان نيوي گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ کي سيڪيورٽي فراهم ڪري ملڪ?? معاشي مفادن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف آف ن??ول اسٽاف ايڊمر?? محمد امجد خان نيازي سان ملاقات دوران ڪيو.