اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ڪورونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ضروري ??ين جي ذخيره اندوزي، ناجائز منافعي خوري ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن کي خبردار ڪندي واضح انداز ۾ اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اهڙي ڪنهن به قدم تي س??ت ڪارروائي ڪندي، ڪنهن کي موجوده صورتحال مان غيرقانوني فائدو کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، لاڪ ڊائو?? ۾ ??ڀ کان وڌيڪ فڪر معاشري ??ي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي آهي، انتهائي نگهداشت جي مريضن لاءِ سهولتون دستياب آهن جڏهن ته متوقع حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ انتظام ڪيا پيا وڃن، ڪورونا هڪ قومي مسئلو آهي ان حوالي سان سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا ويا آهن، انهن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ڪورونا جي صورتحال ۽ حڪومت پا??ان کنيل قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم عم??ان خان چيو ته ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال بلڪل نئين آهي، ان جي لاءِ دنيا جي ڪا ??ڪومت به تيار نه هئي، اسان 13 مارچ کان قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا جا 26 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا.