اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئ?? آهي ته سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دالين، چا??ور?? گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ضرورت جي بنيادي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن ت?? ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪئ?? وڃي جيڪا خوراڪ جي حوالي سان صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي چئلينج جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي هن مشڪل صورتحال ۾ غربت جو شڪار ما??هن کي ر??يف ڏيڻ جي حوالي سان کنيل قدمن ت?? اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئ??.