اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي دماغي صحت جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته آهي ته ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ سان دماغي صحت تي منفي اثر پوندا آهن، و?? کان و?? وسيلا حاصل ڪرڻ جي مقابلي سان ڊپريشن و??ندي آهي، جڏهن ته سماجي ڀلائي ۽ غريبن جي مدد سان خوشي ۽ اطمينان حاصل ٿيندو آهي، ميڊيا کي ذهني صحت بابت آگاهي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دماغي صحت تي پارلياماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊپريشن جو سبب بڻجندڙ ڳالهين تي روشني وجهندي چي?? ته مادي ترقي سان خوشين کي ڳنڍڻ مسئلن جو سبب بڻجندو آهي.