اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومون ٻنهي ملڪن ۾ امن جي بحالي لاء?? ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مسئلن جو واحد حل ڳالهيون آهن، افغانستان ۾ امن جي بحالي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي عزم کي ساراهيون ٿا. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ ??ريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.