اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان معيشت کي صحيح ??خ ۾ گامزن ڪرڻ ۾ ڪام??اب رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذاتي کيسا ڀرڻ بدران قومي ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصادي ۽ معاشي قدمن سان سيڙپڪاري کي فروغ ۽ صنعتي ترقي جا موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي ر??ي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻ?? ۽ ??وينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ته قومي معيشت صحيح ??خ ۾ گامزن آه?? ۽ ??وام کي ان جا ث??ر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي روانگي واپار کي فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، واپار?? ۽ ??ڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.