اسلام آباد-05 فيبروري (اي پ?? پي) يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وار?? وزارت جي انتظام هيٺ شاهراهه دستور تي واڪ جو بندوبست ڪيو ويو. واڪ ۾ سڌ سماءَ واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي، مذهبي معاملن واري نگران وفاق?? وزير انيق احمد ۽ ثقافت وار?? وزير سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن طرفان والاريل ڪشمير جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو. واڪ جي شرڪت ڪندڙن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين ۽ غير قانوني قبضي خلاف بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا. شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگرد??ءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ريل??ءَ طرفان ڪشمير بڻجندو پاڪستان جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا. والاريل ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.