اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ??ان ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گذريل سال پنهنجي وچ ۾ ٿيڻ واري ڳالهه ٻول??ه جو ذڪر ڪندي ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران خان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن پاران ڏنل ان بيان جي آجيان ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ گستاخي اظهار آزادي جي راءِ نه پر مذهبي آزادي جي خلاف ورزي آهي، وزيراعظم چيو ته هو جنرل اسيمبلي کان پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي خلاف نفرت ڦهلائڻ واري معاملي کي تسلسل ??ان اجاگر ڪندو رهيو آهي ۽ ان جي سنگين اثرن جي حوالي ??ان دنيا کي آگاهه ??ندو رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته روس ??ان گڏ پاڪس??ان جي ٻطرفا لاڳاپا بهتري طرف گامزن آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، اقتصادي لاڳاپا ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن پاڪس??ان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد پڄاڻي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ، اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ افغانس??ان بابت معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانس??ان علائقائي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته افغانس??ان کي انساني ۽ اقتصادي چئلينج درپيش آهن، ۽ افغانس??ان جي عوام کي ان مشڪل مرحلي تي عالمي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان افغان عوام جي سخت ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانس??ان جا مالي اثاثا بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو روسي صدر جي پاڪس??ان دوري ۽ پاڻ به مناسب وقت تي روس جو دورو ڪرڻ جو منتظر آهي.