اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) ڪيڊ واري وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ سياسي تجربي ڪرڻ جي لاءِ ناهي ٺاهيو ويو، پي ٽي آءِ پاڻ به عو??مي خدمت ڪري ۽ اسان کي به ڪرڻ ڏي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي پهرين سال کان ئي ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست شروع ڪئي وئي جنهن جو نقصان عو??م کي ٿيو، مخالف ڌر جي رويي ملڪ کي ڪمزور ڪيو، نواز شريف قوم سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ۽ ملڪ مان اونداهيون ختم ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪ??ي وزير اسلام آباد هاءِ وي تي سوهان انٽرچينج جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. اهو م??صوبو 74 ڪروڙ رپين جي ل??ڳت سان مڪمل ڪيو ويو. ان جي ڪري زيرو پوائنٽ کان ڪورال چوڪ تائين سگنل فري ڪوريڊور قائم ٿي ويو آهي، مملڪ??ي وزير 40 ڪروڙ رپين جي ل??ڳت سان زيرو پوائنٽ کان ڪورال چوڪ تائين سروس لين جي تعمير جو پڻ اعلان ڪيو.