مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي سمورن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار جي حيثيت عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي منصوبن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان جو روڊ جي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي ڪابينا جي خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪش??ير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جي توسيع کانپوءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم ۽ ڪابينا پاران نگران وزيراعظم جي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي قانونساز اسيمبلي ۾ گذريل ڏينهن جي تقريب جي زبردست پذيرائي ڪئي وئي. آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان ٻنهي طرفن جي ڪشميرين جا دل کٽي ورتا ۽ انهن جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. هن چيو ته نگران وزيراعظم جي تقرير کي ڪشميري عوام، اوورسيز ڪشميرين، ڪشميري اڪيڊميا، سول سوسائ??ي ۽ ميڊيا پاران ڀرپور طريقي سان ساراهيو ويو. آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي ڪابينا ميمبرن جو چوڻ هو ته نگران وزيراعظم جي دليراڻي موقف ڪشميرين ۾ اميد جو نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آهي. ڪابينا جي ميمبرن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ چيو ته آئون آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پاڪستان رياست جو موقف ورجائڻ آيو آهيان ته پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪراري حيثيت عالمي سطح تي مڃيل آهي، ڀارت پنهنجي غاصباڻي حربن کان فراريت اختيار نٿو ڪري سگهي. نگران وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪس??ير جي سمورن مسئلن خاص طور تي مالي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته شونٽر ٽنل، مري – مظفرآباد ايڪسپريس وي، مانسهره – مظفرآباد – منگلا، ميرپور ايڪسپريس وي جي تع??ير جي حوالي سان وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان جو رستي ذريعي رابطو انتهائي ضروري آهي جنهن جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي سمورين و??ارتن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي حوالي سان ڪمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرايو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي سياحت جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.