اسلام آ??اد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي ??د ڪريون ٿا، ان معاملي تي ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي طور تي ??رڪت ڪندس. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ??ي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ابت ڀارتي ??پريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان معاملي تي ??زاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي طور تي ??رڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي ??يرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي ??د ڪريون ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير ??المي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي ??ل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ??ي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪشميري عوام جي مر??ي ۽ عالمي قانونن ۽ انصاف جي گهرجن جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ??ي عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.