ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ بهتر خدمتن جي فراهمي حڪومت جي آئيني ذميواري آهي، مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي جي استعمال تي آهي، تحقيق جو فروغ هر حڪومت جي ترجيح هجڻ گهرجي، استاد ٿيڻ پئي چاهيو پر ائين نه ٿي سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ ٽيڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته معياري ۽ صحت جي بهتر خدمتن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي آئيني ذميواري آهي. اسان شهرين کي صحت جي برابر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان ۾ سرنديءَ وارن ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. آغا خان ي??نيورسٽي جو تعليم، تحقيق ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ هاڻي آرٽس ۽ سائنس جي شعبي ۾ پڻ يونيورسٽي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. آغا خان ي??نيورسٽي پاڪستان جي لاءِ هڪ قومي اثاثو آهي، تحقيق ۽ ٻين شعبن جي ڪري آغا خان ي??نيورسٽي جو شمار دنيا جي بهترين ي??نيورسٽين ۾ ٿئي ٿو ۽ ان مان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته پاڪستان ع??لم?? سطح تي اعليٰ تعليم ۽ علم جي فروغ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر ضرورت جي موقعي تي آغا خان ي??نيورسٽي پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان نڀايون آهن. ڪورونا دوران مريضن کي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ۽ ڪوويڊ جي مريضن جي سارسنڀال جي لاءِ هزارين ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي تربيت کي يقيني بڻايو. ٻوڏ دوران پڻ آغا خان ي??نيورسٽي متاثر علائقن ۾ هزارين هيلٿ ڪلينڪس قائم ڪيون جن جي ذريعي لکين ماڻهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون. آغا خان ي??نيورسٽي تعليمي ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آغا خان ي??نيورسٽي پرنس آغا خان جي ويزن ۽ فهم ۽ فراصت جو مظهر آهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڊيجيٽلائيزيشن هڪ بهترين ذريعو آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان مرض بابت اڳواٽ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، ٽيڪنالاجي صحت سميت هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان مرض جي تدارڪ ۽ تشخيص جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ٽيڪنالاجي جي ذريعي سمورن شهرين کي علاج جي سهولتن جي فراهمي جي خواب کي پورو ڪيو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مستقبل ۾ ترقي جو دارومدار ٽيڪنالاجي تي آهي، رڳو صحت جي شعبي تائين ئي نه هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس خواب رهيو آهي ته هو هڪ استاد بڻجي پر ائين نه ٿي سگهيو.