اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين ٿنڪ ٽ??نڪس ۾ ٿئي ٿو، هي انسٽيٽيوٽ وزارتن جي لاءِ تحقيق ۾ معاونت جي ذميواري پڻ ادا ڪر?? رهيو آهي. سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر زرقه سهروردي ۽ ٻين سينيٽرز جي سوالن جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسان جي ٿنڪ ٽ??نڪ آهي، ڊائريڪٽر جنرل ان جو سربراهه آهي، ان جا مخت??ف سينٽرز ٺاهيا ويا آهن، ان جي سينٽرز ۾ ايشيا پيسفڪ ۽ چائنا سينٽرز آهن، هي نه رڳو سيمينارز منعقد ڪرائي ٿو جن جي ذريعي اسڪالرز ۽ عالمي ماهرن جو هڪ ٻئي سان رابطو رهي ٿو، دنيا جي ٿنڪ ٽ??نڪس سان پڻ ان جا رابطا آهن ۽ هي اسان جي وزارتن جي لاءِ پڻ ريسرچ ۾ معاونت ڪر?? ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هزارين ٿنڪ ٽ??نڪس آهن جن ۾ پاڪستان جي انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جو نمبر 80 هون آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ک?? هدايت آهي ته هو پارليامينٽ ميمبرن کي پڻ پنهنجي سيمينارز ۾ گهرائي باقي ٿنڪ ٽ??نڪس کي پڻ ان حو??لي سان هدايت ڪئي ويندي.