اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهه ٻولهه، حج پاليسي 2024ع ۾ ترميمن، هارڊ شپ حج ڪوٽا ۾ گهٽتائي، ٽريدنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي 200000 ميٽرڪ ٽن يوريا جي ??المي مارڪيٽ مان خريداري تي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ، جمهوريه ڪانگو، ملاوي، زيمبيا، زمبابوي ۽ جمهوريه ڪرغز کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي ??فارش تي سعودي عرب ۽ قطر سان ٻطرفي سيڙپڪاري معاهدن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع ۾ ترميمن جي م??ظوري ڏني جن تحت سرڪاري ۽ نجي ??سڪيمز جي ??يراستعمال شده اسپانسرشپ ڪوٽا سعودي عرب حڪومت کي واپس ڪئي ويندي. وڌيڪ اهو ته سعودي عرب حڪومت جي قانونن موجب حج گروپس آرگنائيزرز جي مالي انتظامن جي ??والي سان هڪ فول پروف مانيٽرنگ سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. ان کانسواءِ نئين حج پاليسي م??جب 10 سال کان گهٽ عمر جا ٻار به حج جو فرض ادا ڪري سگهندا. نجي ??ج اسڪيمز ۾ 80 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ خدمتگار گڏ رکڻ جي ??رط ۾ نرمي ڪئي ويندي جڏهن ته حج گروپ آرگنائيزرز حاجين سان معاهدو ڪنديون جنهن تحت سعودي عرب ۾ رهڻ دوران مقامي معاون جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، ان نقطي کي سروس جي فراهمي جي معاهدي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ ان جي ??لاف ورزي تي حج گروپ آرگنائيزر کي ڏنڊ ۽ بليڪ لسٽ ڪري سگهبو. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا هارڊ شپ حج ڪوٽا ۾ گهٽتائي جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. مقامي معاونين جي ڪوٽا جو 50 سيڪڙو انهن پاڪستاني شاگردن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويندو جيڪي سعودي عرب جي م??امي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن شاگردن جي م??رري ويلفيئر اسٽاف طور ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا پنهنجي گذريل اجلاس ۾ حج پاليسي 2024ع ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ هڪ ڪم??ٽي جوڙي هئي جنهن جي ??فارشن تي حج پاليسي 2024ع ۾ مٿي ڄاڻايل ترميمون ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ??فارش تي بئنڪن جي ??ن ونڊ فال منافعي، جيڪو انهن سال 2021ع ۽ سال 2022ع ۾ پرڏيهي ناڻي جي ڏيتي ليتي سان حاصل ڪيو، تي 40 سيڪڙو ٽيڪس هڻڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. فنانس ايڪٽ 2023ع تحت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن D99 متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت ونڊ فال منافعي تي ونڊ فال ٽيڪس لاڳو هوندو. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي ??فارش تي ٽريڊ آرگنائيزيشنز جي ??يگيوليٽرز جي ??ڪمن جي ??لاف اپيل ٻڌڻ، امپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع ۽ ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع جي ??رطن ۾ ڇوٽ ۽ نرمي جي لاءِ هڪ ڪم??ٽي قائم ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. واپار وارو وفاقي وزير ان ڪم??ٽي جو ڪنوينر هوندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ قانون وارو وفاقي وزير ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير شامل هوندا. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ملاوي، زيمبيا، زمبابوي ۽ جمهوريه ڪرغز کي بزنس ويزا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي 18 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ 9 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جي ??فارش تي ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ سال 24 – 2023ع جي م??ظوري ڏئي ڇڏي، هلندڙ سال جي لاءِ بجيٽ 267.590 ملين رپيا رکي وئي آهي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي ??فارش تي سامونڊي جهازن جي محفوظ ۽ ماحول دوست ري سائيڪلنگ جي لاءِ هانگ ڪانگ عالمي ڪنوينشن 2009ع تي صحيحن ۽ ان حوالي سان الحاق جي معاهدي جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. ان ڪنوينشن تحت پاڪستان سامونڊي جهازن جي ??ي سائيڪلنگ جي لاءِ قانونسازي ڪندو ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل اهلڪارن کي تربيت ڏني ويندي ۽ صلاحيت وڌائي ويندي. وڌيڪ اهو ته ان ڪنوينشن تحت سامونڊي جهازن جي ??ي سائيڪلنگ دوران ڪنهن به خطرناڪ مواد کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ٽيڪنالوجيڪل اوزار حاصل ڪرڻ کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. ان کانسواءِ شپ ري سائيڪلنگ جي ??نعت سان واڳيل مزدورن جو تحفظ پڻ يقيني بڻائي سگهبو، ان سان پاڪستان جي ??پ ري سائيڪلنگ جي ??نعت کي ڀرپور فائدو ٿيندو. وفاقي ڪابينا ڪابينا سيڪريٽريٽ جي ??فارش تي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي 200000 ميٽرڪ ٽن يوريا جي ??المي مارڪيٽ مان خريداري جي لاءِ پبلڪ پرڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي رولز 2004ع جي ??ول نمبر 8، 13، 35، 38 ۽ 40 کان ڇوٽ ڏيڻ جي م??ظوري ڏني.