مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون ش??صي??ون ڄمون جي ناقابل فراموش قرباني کي خراج عقيد?? پيش ڪنديون. شهداءِ وطن ميڊيا سيل اي ڪي زون جي سربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آهي ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فوج ۽ هٿياربند دستن جي بي لغام هجوم ۽ پيرا ملٽري فوجي دستن ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ۾ چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نومبر تي ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن، گذريل سالن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي قرباني کي خراج عقيد?? پيش ڪرڻ جي لاءِ 6 نومبر تي ٽپهر 3 وڳي شهداءِ وطن ميڊيا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي، تقريب ۾ ناليوارا اڳواڻ ۽ دانشور شهداءِ ڄمون کي خراج عقيد?? پيش ڪندا. تقريب ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت جي اميد آهي.